13 جمعرات , دسمبر 2018

پنجاب حڪومت ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شيرف ٻارن جي تحفظ لاءِ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. قصور ۾ 7 سالن جي نينگري زينب جي اغوا، زيادتي ۽ قتل جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي ۽ ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان هڪ بحث شروع ٿي ويو آهي. وڏي وزير شهباز شريف ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جنهن جي سربراهي قانون وارو صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله ڪندو. وڏي وزير طرفان جوڙيل 20 رڪني ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ تعليم واري وزير،  چائلڊ پروٽيڪشن جي چيئرپرسن ۽ آءِ جي پنجاب شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ٻارن جي تحفظ لاءِ سفارشون تيار ڪندي ۽ ڪميٽي جو اجلاس روزاني جي بنياد تي ٿيندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي پوليس جي ڪم جو جائزو ۽ آگاهي مهم لاءِ سفارشون به مرتب ڪندي جڏهن ته ٻارن جي تحفظ کي نصاب جو حصو بڻايو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميٽي استادن ۽ عالمن سان به ڳالهيون ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪپتن ايراضي ڪيس: سپريم ڪورٽ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جاچ لاءِ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے