11 منگل , دسمبر 2018

ڪينيڊا ۾ حملي آور مسلمان ناري جو حجاب لاهي قينچي سان ڪٽي ڇڏيو

ٽورنٽو(ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ مسلمانن خلاف نفرت تي ٻڌل واقعي ۾ شرپسند شخص 11 سالن جي مسلمان نينگري جي مٿي تان حجاب لاهي قينچي سان ڪٽي ڇڏيو. عالمي ميڊيا جي رپورٽ موجب اهو افسوس جوڳو واقعو ڪينيڊا جي سڀ کان وڏي شهر ٽورنٽو جي مصروف ۽ ڳچ آبادي واري علائقي ۾ ڏينهن ڏٺي جو پيش آيو جتي تاڪ ۾ ويٺل شرپسند ڀاءُ سان گڏ ويندڙ مسلمان ناري تي حملو ڪري سندس اسڪارف ڇڪي لاٿو، نينگري جي رڙين تي حملي آور فرار ٿي ويا تنهن هوندي ڪجهه منٽن کان پوءِ موقعو ملڻ تي حملي آور مٿس ٻيهر حملو ڪيو ۽ قينچي سان سندس اسڪارف جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. حملي جو شڪار نينگري خولا نعمان ٻڌايو ته هو ڇهين درجي جي شاگردياڻي آهي ۽ اسڪول ۾ به هوءَ اسڪارف پائي مٿي ڍڪيندي آهي، جڏهن مون تي حملو ڪيو ويو ته آئون هسيجي ويس ۽ زور زور سان رڙيون ڪيون، منهنجين رڙين تي حملي آور ڀڄي ويا پر هو لڪي لڪي اسان جي پويان آيا ۽ ٻيهر مٿي تان حجاب لاهي قينچي سان ڦاڙي ڇڏيو. اسڪول جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ان واقعي تي کيس وڏو ڌڪ رسيو آهي ۽ هو مسلمان نارين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو واقعي جو نوٽيس وٺندي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته ان واقعي دلين کي لوڏي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC Test Rankings: Top-ranked Virat Kohli maintains position, Jasprit Bumrah on career-high 33

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه ۽ اظهر علي جي ترقي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے