21 بدھ , نومبر 2018

افغانستان انڊر 19 ورلڊ جي ڪپ افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ونگاري (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي پهرين ئي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم افغانستان هٿان شڪست جو منهن ڏٺو آهي، ميچ ۾ افغانستان جي ٽيم 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورلڊ ڪپ ۾ شاندار انٽري ڪئي آهي. ونگاري ۾ کيڏيل انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 47.4 اوورن ۾ 188 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان روهيل نذير 81 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. افغانستان طرفان عضمت الله عمر زئي ۽ قيص احمد 3-3، نويد الحق 2، جڏهن ته ظاهر خان ۽ نثار وحدت هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 47.3 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي. فاتح ٽيم طرفان درويش رسولي 76 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان حسن خان 2، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي ۽ محمد طحا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ هڪ به پاڪستاني شامل نه

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ رينڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے