21 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، ٻه ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي  (ويب ڊيسڪ)  ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪارڪن سميت ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رينجرز ترجمان موجب شهر جي سپر مارڪيٽ واري علائقي ۾ ڇاپي دوران ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. شروعاتي جاچ ۾ گرفتار ڏوهارين مان هڪ جي سڃاڻپ حمير عرف بنگالي سان ٿي آهي، جنهن جو واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي ۽ گهڻي عرصي کان پوليس کي گهربل هو، جڏهن ته ٻئي جي سڃاڻپ عليم عرف علي شاهه سان ٿي آهي، جنهن اعتراف ڪيو آهي ته هو شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتي خوري جي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارن جي فوتگي وارو معاملو: عدالت فوڊ اٿارٽي کي ميڊيا تي بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب ٻارن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے