17 پیر , دسمبر 2018

ادارن کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي

                         سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽريءَ ۾ ڪالهه سنڌ ۾ ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي، اسپتالن جي بدترين حالت، ميڊيڪل ڪاليجن جي معيار، وي وي آءِ پين جي گذرڻ دوران روڊن رستن بند ڪرڻ ۽ دٻن ۾ غيرمعياري کير جي وڪري بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي آهي.

اهي ڪيس گهڻو ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طرفان ورتل پاڻ مرادو نوٽيس جي بنياد تي ٻڌل آهن.

انهن سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ميان ثاقب نثار جي اڳواڻيءَ ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بينچ ڪئي، بينچ ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه شامل هئا. جن معاملن جو چيف جسٽس پاڻ مرادو نوٽيس ورتو، جن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي آهي، تن جو سنئون سڌو تعلق عام ماڻهوءَ سان، مارو ماڻهوءَ جي مفادن سان صحت ۽ زندگيءَ سان آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ، ڪيس هلائڻ کان پوءِ سرڪاري سطح تي انهيءَ ڏس ۾ جيڪا اڳڀرائي ٿي آهي، تنهن سان هڪ ته لاڳاپيل ادارن جي درست واٽ تي اچڻ ۽ عام ماڻهوءَ کي ان جو فائدو رسڻ جي اميد آهي.

وي آءِ پين جي گذرڻ دوران رستا بند ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته وي آءِ پيز جي گذرڻ دوران ٻن منٽن کان وڌيڪ روڊ رستا بند نه ڪيا وڃن. چيف جسٽس صاحب واضح ڪيو ته هي حڪم رڳو ڪراچي شهر نه پر سڄي ملڪ لاءِ آهي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ  عدالت کي ٻڌايو ته اهم شخصيتن جي گذرڻ دوران عارضي طور رستا بند ڪيا ويندا آهن.

عام طرح ڏٺو ايئن ويو آهي ته جڏهن به ڪو وي وي آءِ پي وڏو ماڻهو يا سرڪاري عهديدار ڪنهن رستي تان گذرڻو هوندو آهي ، اتي پهچڻ کان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڳ ئي روڊ بلاڪ ڪري رستو خالي ڪرايو ويندو آهي، پوءِ ٿيندو اهو آهي جو جيستائين اهو وڏو صاحب ان رستي تان گذري تيستائين عام خلق ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هوندي آهي ۽ عذاب ۾ هوندي آهي. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي سان عام ماڻهوءَ کي رليف ملندو، تنهن ڪري ان فيصلي کي ساراهه جوڳو چئي سگهجي ٿو.

اهڙي طرح سرڪاري اسپتالن جي بدترين صورتحال توڙي ميڊيڪل ڪاليجن جي معيار بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران به اعليٰ عدليا سمورين سرڪاري اسپتالن جي ميڊيڪل کان قسم نامي تي سندن اسپتالن ۾ ڪُل ڪيترا بسترا آهن، ڪهڙي مشينري آهي ۽ ڪهڙي ناهي ۽ دوائن جي پوزيشن گهري ورتي آهي. نه رڳو ايترو پر خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جو معيار جاچڻ لاءِ به پنج رڪني انسپيڪشن ٽيم جوڙي آهي. جيڪا سومر تي انهن ڪاليجن جو معائنو ڪري رپورٽ سپريم ڪورٽ کي پيش ڪندي.سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته ميڊيڪل ڪاليج شاگردن کان 6 لک 45 هزارن کان مٿي في وصول نه ڪئي وڃي.

سڄي ملڪ سان گڏوگڏ سنڌ ۾ به اسپتالن جي ۽ اسپتالن ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي ڪا آئيڊل صورتحال ناهي. ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته سنڌ ۾ ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ ڪراچيءَ ۾ علاج جي جديد ۽ مفت سهولت جي فراهمي، دل جي مرضن جي علاج لاءِ ڪراچيءَ کان پوءِ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ ۾ سهولت جي فراهمي يا اهڙا ٻيا قدم ساراهه جوڳا آهن.جيڪي سنڌ حڪومت کنيا آهن يا کڻي رهي آهي پر مجموعي طور سنڌ اندر صحت واري شعبي جي ڪا آئيڊل صورتحال ناهي، اميد ڪري سگهجي ٿي ته سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ سرڪار ۽ هن شعبي جون ارباب اختياريون عوام کي سندن در تي صحت جون رڳو سهولتون نه پر بهتر سهولتون ۽ مفت دوائون فراهم ڪرڻ لاءِ تحرڪ ۾ اينديون، ايئن ٿيڻ سان عوام صحت جو بهترين سهولتون ميسر هئڻ جو خواب ساڀيا ٿي سگهندو.

سنڌ ۾ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ ملندڙ آلوده ۽ گدلي پاڻيءَ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته صوبي اندر 94 ملين گيال صنعتي پاڻي کي ٽريٽ ڪري صاف سٿرو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هي ٽن سالن جو منصوبو آهي، سنڌ سرڪار جي 67 سيڪڙو بجيٽ تيار آهي، بس وفاق جي اختياريءَ جو انتظار آهي، جنهن تي سپريم ڪورٽ سوال اٿاريو ته جيسائين اهو منصوبو مڪمل ٿئي ڇا تيستائين ٽن سالن تائين ماڻهن کي گندو پاڻي پياريو ويندو رهندو.

ڏٺو وڃي ته ماڻهن کي گندو، زهريلو ۽ سيوريج جو پاڻي پيئڻ لاءِ فراهم ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار تمام گهڻو تحرڪ ۾ آئي آهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير ان ڏس ۾ ڪيئي اجلاس به ڪري چڪو آهي ۽ ان ڏس ۾ ماڻهن کي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ منصوبن جو جائزو به وٺي چڪو آهي، سو چئي سگهجي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار اک پٽي آهي ۽ اميد آهي ته سالن کان پاڻيءَ جي فراهميءَ جون اسڪيمون جيڪي التوا ۾ هيون سي هينئر ضرور مڪمل ٿينديون ۽ عوام کي لاڀ ملندو.

اهڙي طرح دٻن ۾ ماڻهن کي ملندڙ غيرمعياري کير جو معاملو به سامهون آيو، عدالت سڳوري حڪم ڏنو آهي ته جن به برانڊز جو کير وڪرو ٿي رهيو آهي تنهن جا نمونا فوري طور ليبارٽري چڪاس لاءِ موڪليا وڃن. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت سڳوري پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته دٻن ۾ جيڪو کير وڪرو ٿئي پيو سو کير نه پر سفيد مادو آهي.

هن ڪيس جا به عام ماڻهوءَ تي مثبت اثر پوڻا آهن، اڄ تائين دٻن واري کير يا شهر ۾ هنڌ هنڌ وڪڻندڙ واڙن واري کير جي معيار کي جاچڻ جي ڪنهن به زحمت نه ڪئي آهي. اعليٰ عدليا جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ اميد ڪري سگهجي ٿي ته ماڻهن کي هاڻي صاف سٿرو ۽ معياري کير پيئڻ لاءِ ملي سگهندو. مجموعي طور ڏٺو وڃي ته سپريم ڪورٽ جن به معاملن جو نوٽيس ورتو آهي، سي عام ماڻهو جي مفاد جا معاملا آهن ۽ عام ماڻهوءَ کي پڻ فائدو ٿيڻو آهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ جا هي قدم ادارن کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي آهي.

آچر  14 جنوري  2018ع، 26 ربيع الثاني1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

مهين جي دڙي جي تهذيب جهڙو ”سوڀو گيانچنداڻي“

سنڌ جي مردم خيز مٽي تاريخ جي هر دور ۾ اهڙن املهه انسانن کي جنم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے