12 بدھ , دسمبر 2018

يونيسڪو جي سفارشن تي عملدرآمد، مڪليءَ کي عالمي ورثي جي حيثيت ۾بحال ڪرڻ جو اعلان

ٺٽو (رپورٽ: شبير ڀٽي) وڏي وزير مُراد علي شاه چيو آهي ته تاريخي ورثو مڪلي هڪ قبرستان ئي نه پر دفن ٿيل هزارين ماڻهن جي هڪ شاهوڪار تاريخ آهي ۽ مڪلي تي ٿيندڙ پهرين عالمي ڪانفرنس ۾ مڪلي جي تاريخي ورثي جي بهتري لاءِ ماهرن ۽ محققن کان جيڪي به سفارشون ملنديون، انهن کي اپنائينداسين ۽ عملدرآمد پڻ ڪرائينداسين. هن چيو ته عالمي ورثي مڪلي کي درپيش خطرن کي دور ۽ مسئلن کي پڻ حل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مڪلي ۾ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران ڪوٺايل پهرين مڪلي عالمي ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سياحت، ثقافت ۽ نوادرات واري صوبائي وزير سردار علي شاهه، فشريز ۽ لائيواسٽاڪ جي وزير محمد علي ملڪاڻي، سينيٽر سسئي پليجو، ايم پي اي رخسانه شاهه، ايم پي اي سردار احمد، اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سيڪريٽري حميد آخوند، ڊاڪٽر رفيق مغل، يونيسڪو جي نمائندي قاضي اياز مهيسر سميت ڏيهي۽ پرڏيهي تاريخدانن، محققن، آثار قديمه جي ماهرن، صحافين، اديبن ۽ دانشورن کان علاوه زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. وڏي وزير عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن تي مڪلي قبرستان جي تحفظ لاءِ زور ڀريندي چيو ته مڪلي جو تاريخي قبرستان اوهان جو پنهنجو سرمايو آهي ۽ حڪومت سنڌ سان ماڻهو سهڪار ڪري هن تاريخي ماڳ کي هٿي وٺرائين ۽ ٻاهرين ملڪن جي ماهرن ۽ ماڻهن سان ملي ڪري هن تاريخي ماڳ جي مالڪي ڪن. وڏي وزير عوام تي زور ڀريو ته اسان سڀني کي سنڌ جي آثار قديمه کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن ته جيئن ايندڙ نسل اسان کي سُٺن لفظن ۾ ياد رکي. ان کان اڳ وڏي وزير مُراد علي شاه مڪلي تي ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو باقائدا آغاز ڪري افتتاح ڪيو. ڪانفرنس کي صوبائي وزير سردار شاهه خطاب ڪندي چيو ته مڪلي قبرستان جي اهم ڳالهه اها آهي ته هتي بادشاهه ۽ عام ماڻهو گڏ دفن ٿيل آهن ۽ هتان جا ماڻهو زندگي کان وڌيڪ موت سان پيار ڪندا هئا ۽ پنهنجي زندگي ۾ ئي پنهنجي قبر ٺاهيندا هئا. هن چيو ته مڪلي انساني تاريخ جو عظيم عالمي ورثو آهي ۽ هن پاران يونيسڪو ۾ مڪلي بابت مضبوطي سان ڪيس پيش ڪيو ۽ مڪلي کي عالمي ورثي جي فهرست مان نڪرڻ کان بچايو. هن چيو ته هو يونيسڪو جي تعاون جو شڪر گذار آهي جنهن مڪلي کي ورلڊ هيريٽيج لسٽ ۾ برقرار رکيو. هن چيو ته اسان سنڌ جي تاريخي ورثن، ماڳ مڪانن کي جوش ۽ جذبي سان محفوظ ڪنداسين ۽ مڪلي بابت يونيسڪو پاران رهيل سفارشن تي عملدرآمد ڪندي عالمي ورثي جي حيثيت ۾ بحال ڪنداسين. هن چيو ته اسان مڪلي جي بحالي، صفائي سٿرائي، سياحن لاءِ شٽلز سميت ٻيون ضروري سهولتون مهيا ڪري رهيا آهيون ته جيئن هتي ايندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياح لطف اندوز ٿي سگھن. سينيٽر سسئي پليجو چيو ته 18هين ترميم بعد ڪيترائي کاتا صوبن ڏانهن منتقل ٿيا، جنهن تحت آرڪيالاجي کاتي ۾ سنڌ کي 29 ميوزيم ۽ ٻيا تاريخي ماڳ ۽ مڪان ورثي ۾ مليا پر بدقسمتي سان فنڊن جي کوٽ جي ڪري تاريخي ماڳ مڪان بدحالي جو شڪار هئا، جن کي موجوده صوبائي حڪومت ڌيان ڏيندي بهتر بڻايو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي محدود وسيلن سان تاريخي ماڳن جي بحالي جو ڪم بهتر ڪري رهي آهي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضٰي وهاب ايپڪس ڪاميٽي مان گورنر کي ڪڍڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے