15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ حسن ظفر جو لاش هٿ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم لنڊن اڳواڻ حسن ظفر عارف جو لاش ابراهيم حيدريءَ جي علائقي مان هٿ ڪيو ويو. ڪراچيءَ جي علائقي ابراهيم حيدري مان هڪ لاش مليو، پوليس موجب مليل لاش ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ پروفيسر حسن ظفر عارف جو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جي سڃاڻپ سندس جيپ مان مليل ڪارڊ ذريعي ٿي آهي،  وڌيڪ ڄاڻ لاءِ لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جناح اسپتال جي ايمرجنسي جي ترجمان ڊاڪٽر سيمي جمالي جو چوڻ آهي ته پوليس طرفان آندل لاش تي ڪنهن به قسم جي تشدد جا نشان نه آهن ۽ سندس موت طبي ٿي سگهي ٿو، پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻٽي شهريت رکندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ٻٽي شهريت رکندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے