12 بدھ , دسمبر 2018

ڪراچي ۾ وڏو مسئلو پاڻي آهي، لڳي ٿو ته شهر جا مسئلا حل ٿيڻ وارا آهن: وسيم اختر

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، چيف جسٽس کي پاڻي جي مسئلي تي تمام گهڻا خدشا آهن، لڳي ٿو ته ڪراچي جا مسئلا حل ٿيڻ وارا آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ رجسٽريءَ ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته اهڙا مسئلا عدالتون نه پر حڪومتون حل ڪنديون آهن. هن چيو ته چيف جسٽس چيو ته اهڙا کاتا ميئر جي ماتحت هوندا آهن، ميونسپل ڪارپوريشن جا معاملا به صوبائي حڪومت هلائي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ جي مسئلن تي چيف جسٽس کان وقت گهريو آهي، تجويزن لاءِ وقت طلب ڪيو آهي. وسيم اختر چيو ته ٽئنڪر مافيا موجود آهي هر هنڌ غير قانوني هائيڊرينٽس لڳل آهن، سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو آهي هاڻي ڪراچي جا مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته 8 ڪروڙ رپين عيوض غير قانوني هائيڊرينٽس جي اجازت ڏني پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے