17 پیر , دسمبر 2018

ڪراچيءَ جي علائقي ۾ ڊفينس ۾ گاڏي نه بيهارڻ تي پوليس هٿان نوجوان قتل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي ڊفينس خيابان ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ انتظار نالي نوجوان مارجي ويو. پوليس ذريعن موجب اي سي ايل سي جي اهلڪارن گاڏي شڪي سمجهي بيهڻ جو اشارو ڪيو ۽ نه بيهڻ تي نوجوان تي فائرنگ ڪئي. پوليس موجب مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ انتظار احمد ولد اشتياق جي نالي سان ٿي آهي. ڊي آءِ جي سي آءِ اي ثاقب اسماعيل جناح اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيابان اتحاد ۾ پڪٽ تي اينٽي ڪار لفٽنگ سيل اي گاڏي کي شڪي سمجهي بيهڻ جو اشارو ڪيو ۽ نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي. هن ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث چئني پوليس اهلڪارن کي ڏکڻ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ اڇي رنگ جي ڪرولا گاڏيءَ ۾ وارداتون ٿي رهيون آهن، اهلڪارن هڪ سفيد ڪرولا کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ۽ نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس جي جاچ موجب واقعي واري هنڌ تان گوليون جا 16 خول مليا آهن جڏهن ته مقتول جي گاڏيءَ ۾ هڪ ڇوڪري پڻ موجود هئي جيڪا رڪشا ۾ هلي وئي. مقتول جي والدين ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڇا شهر ۾ جهنگ جو قانون آهي جو گاڏيءَ نه بيهارڻ تي سندن نوجوان کي قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته انتظار ملائيشيا مان واپس آيو هو، کيس بينگاهه قتل ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته کين پوليس مان ڪابه اميد ناهي، چيف جسٽس کين انصاف فراهم ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبلي ۾ اي پي ايس سانحي ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ اي پي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے