16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز : سپريم ڪورٽ ۾ زينب قتل ڪيس جي ٻڌڻي جاري ،  ايڊيشنل آءِ جي پنجاب پيش

سپريم ڪورٽ ۾ زينب قتل ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي ۽ ايڊيشنل آءِ جي پنجاب سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو آهي.

رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ ۾ زينب قتل ڪيس جي پاڻمرادو ورتل نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪري رهي آهي، ايڊيشنل آءِ جي پنجاب ابوبڪر خدا بخش سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.

چيف جسٽس پڇيو ته معاملو ڇا آهي، اسان کي به ٻڌايو، سڄي قوم ڏکويل آهي، ايترن ڏينهن کانپوءِ به اڳڀرائي نه پئي ٿئي، جيڪڏهن اوهان پنهنجي جاچ بابت چئمبر ۾ ٻڌائڻ چاهيو ٿا ته ٻڌايو جنهن تي ايڊيشنل آءِ جي چيو ته ڏيڍ سال ۾ ان نوعيت جا 8 واقعا ٿي چڪا آهن.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پوليس جي ناقص جاچ سبب ماڻهو آزاد ٿي وڃن ٿا، هر ڪيس ۾ ساڳيون غلطيون ڪيون وڃن ٿيون، مسئلو حل نه ٿيو ته حڪومت ۽ پوليس جي ناڪامي ٿيندي.

واضح رهي ته قصور جي 7 ورهين جي ٻارڙي زينب کي 4 جنوري تي اغوا ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ 9 جنوري تي سندس لاش گند جي هڪ ڍير تان مليو، زينب کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڳاڙهو: ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ تلاءَ جو افتتاح

ڪيٽي بندر ۾ ڪم ڪندڙ ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان يوسي ٻيٽ ميھار جي ڳوٺ حاجي صديق …