18 اتوار , نومبر 2018

زينب جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ 48 ڪلاڪن جي مهلت

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان معصوم نينگري زينب جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس کي ڏنل مهلت ختم ٿي وئي، چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته زينب قتل ڪيس ۾ پوليس ۽ پنجاب حڪومت سنجيده ناهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جيچيف جسٽس منصور علي شاهه طرفان نينگري زينب سان زيادتي ۽ قتل جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آءِ جي پنجاب پوليس کي ڏنل 36 ڪلاڪن جي ڊيڊ لائن ختم ٿي وئي. قاتل اڃا تائين گرفت کان آزاد آهن، جڏهن ته پنجاب حڪومت رڳو دعوائن ۽ بيان بازي تائين محدود آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو جيڪو پيش نه ٿيو. آءِ جي پنجاب پوليس عارف نواز جي چيف جسٽس منصور علي شاهه کي ڪرايل خاطري رڳو زباني خرچ ثابت ٿي. الٽيميٽم جو وقت گذرڻ کي 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته طلب ڪرڻ باوجود آءِ جي پنجاب جي پيش نه ٿيڻ مان لڳي ٿو ته پنجاب حڪومت ۽ پوليس ڪيس ۾ سنجيده ناهي. ٻڌڻي دوران زينب قتل ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جو اڳوڻو سربراهه ابوبڪر خدا بخش پيش ٿيو. هن ٻڌايو ته زينب ڪيس ۾ 67 ڄڻن جي ڊي اين جي اي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي. ڊي جي فارنزڪ پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته سمورن معاملن مان لڳي ٿو ته ڪيس ۾ سيريل ڪلر ملوث آهي ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ هڪ ٻارڙي ڪائنات به ساڳي درندگي جو شڪار ٿي جيڪا هن وقت چلڊرين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. چيف جسٽس چيو ته ٻارڙي ڪائنات جي طبي امداد لاءِ سمورا اپاءَ ورتا وڃن. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي پنجاب پيش ٿي ۽ زينب واقعي بابت تفصيل ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪيل ڪوششن جي سموري ڄاڻ به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪئي وڃي.3304

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان يوٽرن واري بيان تي به يوٽرن وٺندو: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے