24 بدھ , اکتوبر 2018

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني جي احتساب عدالت ۾ شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ٿي، اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا. تفصيل موجب نيب جي ٽن ريفرنسن جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي ن ليگي اڳواڻ مصدق ملڪ، پرويز رشيد، طلال چوڌري، مريم اورنگزيب، سائره افضل تارڙ ۽ امير مقام به جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ موجود هئا. عدالت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ 3 شاهدن  پوليس اسٽيشن نيب لاهور جي سب انسپيڪٽر عمر دراز گوندل، پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر آفاق احمد ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب ناصر جوڻيجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيا ويا. هن تائين 13 شاهد بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن.  اڳوڻي وزير اعظم خلاف هن وقت تائين فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جون 20، ايون فيلڊ پراپرٽيز جون 19 جڏهن ته العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جون 23 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن. نواز شريف 12 مريم نواز 14 جڏهن ته ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر 15 ڀيرا عدالت جي روبرو پيش ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے