24 بدھ , اکتوبر 2018

ڊرٻ  ميھر شاهه جي ڳوٺ ملنگ خان منڱريو جو پرائمري اسڪول بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل، ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳل

ڊرٻ ميھر شاهه(ويب ڊيسڪ) ڊرٻ  ميھر شاهه جي ڳوٺ ملنگ خان منڱريو جو پرائمري اسڪول بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل، اسڪول ۾ فرنيچر، استادن ۽ بلڊنگ جي کوٽ، اسڪول ۾ واش روم، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ بجلي جھڙيون سھولتون نه ھجڻ ڪري اسڪول ۾  شاگرد ۽ شاگرداڻيون سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ لڳيون، سندن مستقبل داءَ تي لڳل، اسڪول ۾ سھولتون نه ھجڻ سبب ڳوٺ جا 300 کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل ڳوٺ جي رھواسين جو احتجاج نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. تفصيل موجب ڊرٻ ميھر شاھ جي ڳوٺ ملنگ خان منڱريو جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ھن جديد دور ۾ بنيادي سھولتن کان محروم آھي، اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب شاگرد زمين تي ويھي تعليم پڙائي رھيا آھن ،اسڪول ۾300 شاگردن لاءَ صرف 2 استاد مقرر ٿيل آھن جيڪي تمام گھٽ آھن اسڪول ۾ بلڊنگ نه ھجڻ ڪري استاد شاگردن کي سخت سرديء جي موسم ۾ جھوپڙي ۽زمين تي ويھاري ۽ تعليم ڏئي رھيا آھن اسڪول ۾ شاگردن لاءَ واش روم به ناھين ٺھيل ۽ بجلي به ناھين جنھن ڪري شاگرد سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن اسڪول ۾فرنيچر ،استادن ،ڪمرن جي کوٽ ۽ واش روم بجليءَ جھڙيون سھولتون نه ھجڻ ڪري ڳوٺ جا 300 کان وڌيڪ ٻارڙا سڄو ڏينھن راند روند ،مال چاڙڻ ۽ پنھنجي والدين کي ٻني ٻاري ۽ زمين جو ڪم ڪار ڪرائين ٿا جنھن ڪري 300 کان وڌيڪ ڳوٺ جا ٻار تعليم جھڙي زيور کان محرو بڻجي ويا آھن ۽ سندن جو مستقبل تباھ ٿي رھيو آھي ،اسڪول ۾ سھولتون نه ھجڻ سبب ڳوٺ جي رھواسين ڪائونسلر قمرالدين منڱريو ، عبدالوحيد ، سعيد احمد منڱريو ، عمران احمد منڱريو ،حضور بخش منڱريو اسڪول اڳيان شاگردن سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته اسان ڪيترائي دفعا تعليم کاتي جي آفيسرن اڳيان دانھيو آھي ھن وقت تائين ڪو به کر تيل ناھين نڪتو ،سھولتون نه ھجڻ ڪري اسان جا 300 کان وڌيڪ ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم آھن ھنن وزير اعلي سنڌ چيف جسٽس سنڌ تعليم جي صوبائي وزير ۽ سيشن جج خيرپورکي اپيل ڪئي ته اسان جي اسڪول جو دورو ڪري سھولتون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان جا ٻار به تعليم حاصل ڪري سگھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ صحت کاتي جو نائب قاصد ڪوڙي ڪمپني جو مالڪ نڪري پيو، عدالت سان رابطو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي رهواسي صحت کاتي جي نائب قاصد پنهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے