16 منگل , اکتوبر 2018

چونڊن کان ڪجهه وقت اڳ بحران پيدا ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته احتجاج جو مقصد انصاف نه پر غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ آهي، طاهر القادري غير متوازن شخص آهي، جنهن جي ايجنڊا ڪنهن کان ڳجهي ناهي. مخالف پارٽين طرفان لاهور جي مال روڊ تي احتجاج جي اعلان کانپوءِ ردعمل ڏيندي سعد رفيق چيو آهي ته قوم مخالف ڌر جو ڪردار ڏسي رهي آهي، دشمن پنهنجي راند کيڏي رهيو آهي پر اسان تڪرارن جي ڪَڍ لڳا پيا آهيون. سندس چوڻ هو ته چونڊن کان ڪجهه وقت اڳ بحران پيدا ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، احتجاج ڪندڙن جو مقصد آهي ته حڪومت مدو پورو نه ڪري. سعد رفيق چيو ته هڪٻئي کي چور چوندڙ ڪيئن گڏ ٿيا؟ رتوڇاڻ جمهوريت پسند ايجنڊا نٿي ٿي سگهي. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے