23 منگل , اکتوبر 2018

”پدماوت“ تي ڪاوڙ، هندو انتها پسندن اسڪول تي حملو ڪري ڏنو

رتلام (شوبز نيوز) فلم “پدماوت” ۽ سنجي ليلا ڀنسالي جون ڏکيايون ختم ٿيون ناهن جو مڇريل هندو انتهاپسندفلم “پدماوت” جي ڪاوڙ اسڪول تي لاهيندي هنگامو ڪري ڇڏيو ۽ اسڪول جي ڀڃ ڊاهه ڪئي. هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي ۽ دپيڪا پڊوڪون  جي فلم “پدماوت” هڪ نئين مصيبت ۾ ڦاسي پئي آهي. انتها پسند تنظيمن مڌيا پرديش جي شهر رتلام جي سينٽ پول ڪانونٽ اسڪول ۾ فنڪشن دوران جڏهن معصوم شاگردياڻين فلم “پدماوت” جي گاني “گھومر” تي پرفارم ڪيو ته انتهاپسند پارٽي شري راجپوت ڪرني سينا جي ماڻهن اسڪول تي حملو ڪري ڏنو ۽ اسڪول ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي. اسڪول انتظاميا طرفان اطلاع ڪرڻ تي پوليس اسڪول پهتي ۽ مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪر ڇڏيو، تنهن هوندي ان واقعي ۾ هڪ شاگرد زخمي ٿيو جنهن کي طبي امداد فراسهم ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مظاهرو ڪندڙن نه رڳو اسڪول ۾ هنگامو ڪيو پر ٻارن جي والدين ۽ ٽيچرز سان بدتميزي پڻ ڪئي، پوليس حملو ڪندڙ ماڻهن مان چئن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ واقعي جي ايف آءِ ار داخل ڪري جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيرين مزاري به احد رضا ۽ مومنا تي ڏمرجي پئي

اسلام آباد (شوبز نيوز) ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ پيش ڪيل گيت ”ڪوڪو ڪورينا“ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے