20 ہفتہ , اکتوبر 2018

غلط فلمون ضرور ڪيون پر انهن جي مدد سان پنهنجا بِل به ادا ڪيا: منوج باجپائي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار منوج باجپائي کي فلمي انڊسٽري ۾ ٻه ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت ٿي چڪو آهي ۽ ان دوران هن پنهنجي ڪيريئر ۾ ناڪامي ۽ ڪاميابي ٻئي ڏٺيون. منوج باجپائي بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز 1994ع جي فلم “دروڪال” سان ڪيو. هندوستان ٽائمز جي رپورٽ موجب منوج جو هڪ انٽرويو ۾ چوڻ هو ته “جيڪڏهن توهان ڪا غلط فلم ڪندا آهيو ته اها توهان جي ذميواري آهي، اهو فيصلو ڪرڻ ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ ناهي هوندو. هن وڌيڪ چيو ته آئون هميشه ڪنهن به غلط فلم ۾ ڪم ڪرڻ سان بي حد ڊنل هوندو آهيان. مون کي پنهنجن فلمن تي فخر ته ناهي پر انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو به منهنجو پنهنجو ئي هو، مون انهن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ  جو فيصلو تمام ڏکي حالت سبب ڪيو هو. جڏهن کائنس غلط فلمن جا نالا پُڇيا ويا ته اداڪار انهن فلمن جا نالا ٻُڌائڻ تي معافي گھري ورتي. منوج باجپائي چيو ته آئون ڪڏهن انهن فلمن جا نالا نه ٻُڌائيندس ڇو ته انهن ۾ ڪم ڪرڻ منهنجو پنهنجو فيصلو هو ۽ جيڪڏهن آئون انهن فلمن کي غلط تسليم ڪريان ٿو ته ان ۾ انهن ماڻهن جي غلطي ناهي جن مون کي فلم جي آڇ ڪئي. پر انهن جي مدد سان مون پنهنجا گھڻائي بِل ادا ڪيا. هو هن وقت پنهنجي فلم “اياري” جي مشهوري ۾ مصروف آهي جنهن کي هلندڙ سال 9 فيبروري تي سينيما گھرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو. ان فلم جي حوالي سان هن چيو ته هي سندس ڪيريئر جي شايد سڀ کان بهترين فلم هوندي، ۽ هو  فلم جي ڪاميابي يا ناڪامي جو فيصلو باڪس آفيس تي ٿيندڙ بزنس سان نه ڪندو آهي. ان فلم ۾ سڌارٿ ملهوترا به اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳائڻي شويتا پنڊت جو موسيقار انو ملڪ تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي موسيقار انو ملڪ به ”مي ٽو“ مهم جي وڪڙ ۾ اچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے