16 جمعہ , نومبر 2018

زينب قتل ڪيس: قصور جي اڳوڻي ڊي پي او جي به ڊي اين اي ٽيسٽ وٺڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) زينب قتل ڪيس ۾ قصور جي اڳوڻي ڊي پي او جي ڊي اين اي ٽيسٽ جو به مطالبو ڪيو پيو وڃي. سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ مبينا قاتل جي تصوير قصور جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر ذوالفقار احمد سان ملندڙ جلندڙ آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جڏهن ته واهپيدار مطالبو ڪري رهيا آهن ته ٻين شڪي ماڻهن جيان ان جي به ڊي اين اي ٽيسٽ ورتي وڃي، ڇو ته سندس چهرو سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ موجود مبينا قاتل جهڙو لڳي رهيو آهي. واضح رهي ته زينب قتل ڪيس ۾ مائٽن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ورتي وئي آهي، جن مان ڪير به قاتل ثابت ناهي ٿيو، جڏهن ته ان ڏس ۾ پوليس ڪالهه لاهور مان هڪ گرفتاري پڻ ڪئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے