20 ہفتہ , اکتوبر 2018

گهٻرايو نه، جاتي امرا وارا ڪجهه به نٿا بگاڙي سگهن: شاهه محمود قريشي

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن مظلومن کي انصاف ملي ها ته اڄ هي عوام گڏ نه ٿئي ها، عدالتن جا دَر کڙڪاياسين، جڊيشل ڪميشن جوڙي وئي، ڪجهه به ڪم نه آيو، ڇا مظلومن کي انصاف مليو؟. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته انصاف لاءِ عدالت بدران عوامي ميڙ اڳيان ڪيس پيش ڪرڻو پيو، ڪمزورن کي انصاف نه ملي ته عوام جو گڏجڻ ضروري آهي، ماڻهن کي نڪرڻو پوندو، انصاف جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻو پوندو، ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ماڻهو چون ٿا ته جمهوريت کي جاتي امرا مان خطرو آهي، گهٻرايو نه، جاتي امرا وارا توهان جو ڪجهه نٿا بگاڙي سگهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے