24 بدھ , اکتوبر 2018

هر سازش جو حصو رهندڙ شخص پاڻ خلاف سازش جو  پِٽڪو ڪري رهيو آهي: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته ماڊل ٽائون ۾ پوليس بيگناهن تي گوليون هلايون، متاثر اڄ به انصاف جا طلبگار آهن، انهن کي انصاف ملڻ گهرجي. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته حڪمران پارٽي انصاف ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، نواز شريف هر موقعي تي چوندو آهي مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ حڪومت نواز شريف جي آهي، حيران آهيون ته سازش ڪير ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر دور جي حڪومت خلاف نواز شريف سازشون ڪندو رهيو، 1990ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، نواز شريف ماضي ۾ چونڊيل وزيراعظم خلاف سازشون ڪيون، انهن چيف جسٽس کي ڪڍڻ لاءِ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو، هر سازش جو حصو رهندڙ شخص پاڻ خلاف سازش جو  پِٽڪو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اقامو مني لانڊرنگ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي،  اقامي تي ته قيد ٿيڻ گهرجي ها پر عدالت نرمي جو مظاهرو ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے