24 بدھ , اکتوبر 2018

نواز شريف کي ڪٿي به معافي نه ملندي: قمر زمان ڪائرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف دبئي هليو وڃي يا ڪنهن ٻئي پاسي، کيس ڪنهن به صورت ۾ معافي نه ملندي، هيءَ اها ٻلي آهي جيڪا پير سڙڻ تي ٻارن کي پيرن هيٺان رکندي آهي. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي قمر زمان ڪائرا چيو ته نواز شريف صاحب پنهنجي ننڍي ڀاءَ کان پڇو توهان کي ڇو ڪڍيو  ويو؟ حڪمرانن کي جمهوريت جي نه اقتدار جي لالچ آهي. هن چيو ته هر شئي جي هڪ حد هوندي، نواز شريف صاحب توهان اهو ٻڌايو ته توهان هارين کي ٻنين مان ڇو ڪڍيو ؟ توهان کي ڪنهن سازش تحت نه پر اعليٰ عدليا سان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ بدديانتي تي ڪڍيو ويو. سندس چوڻ هو ته شريف خاندان پنهنجي کسيل دولت لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، ميان صاحب جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي اقتدار لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن نواز شريف رهيو ته جمهوريت نه رهندي، ڇو ته اڳوڻو وزير اعظم چاهي ٿو ته جمهوريت ختم ٿي وڃي پر اسان آمرن ۽ انهن جي ٻارن کان جمهوريت بحال ڪرائي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے