16 منگل , اکتوبر 2018

استعيفيٰ گهرندڙن کي ئي استعيفيٰ ڏيڻي پئي، الله جو شان: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته استعيفيٰ گهرندڙن پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، الله جو شان. لاهور جي مال روڊ تي گڏيل اپوزيشن جي احتجاجي جلسي دوران عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي عمران خان کي به اها ئي صلاح ڏني، جنهن تي مريم نواز دلچسپ جواب ڏنو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته ”استعيفيٰ گهرندڙن کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي، الله جو شان“. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي عوام محبت ۽ عزت ڏني آهي، اهو مخالفن جي قسمت ۾ ناهي، لاهور واسين جي دانشمدي کي سلام.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے