24 بدھ , اکتوبر 2018

سلمان خان شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻُڌائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان جو شمار ڀارت جي سڀ کان پرڪشش ڪنوارن ۾ ٿيندو آهي سندس مداح ڄاڻن چاهن ٿا ته آخر سلمان خان شادي ڪڏهن ڪندو تنهن هوندي هاڻي سلمان خان عدالت جي سامهون پنهنجي شادي نه ڪرڻ جي راز تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي. بالي ووڊ جو دبنگ اداڪار سلمان خان 52 ورهين جو ٿي چڪو آهي ۽ اڃان تائين ڪنوارو آهي سندس گھروارن ۽ پرستارن جي شديد خواهش آهي ته سلمان خان جلدي ئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وڃي پر سلمان خان پاڻ شادي بابت چوندو آهي ته ان حوالي سان هن پهيون ڀيرو ڀارتي ٽي وي جي مقبول ترين شو ”آپ ڪي عدالت“ ۾ پنهنجو موقف بيان ڪيو. جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. دبنگ خان کان جڏهن شو جي ميزبان سوال ڪيو ته هو شادي ڪڏهن ڪندو ته هن چيو ته توهان منهنجي ذاتي زندگي کان ته واقف آهيو، هن وقت عدالت ۾ مون تي ٻه ڪيس هلي رهيا آهن هڪ جوڌپور ۾ ڪاري هرڻ جي غيرقانوني شڪار جو ڪيس ۽ ٻيون ممبئي هٽ اينڊ رن ڪيس. سلمان خان اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻئي ڪيس ختم ٿي ويندا پر جيڪڏهن مون هينئر شادي ڪئي ۽ خدا نه ڪري جيڪڏهن مون کي سزا ٿي وڃي ۽ آئون جيل هليو وڃان ته ڇا اهو منهنجي گھر واري سان صحيح ٿيندو ته سندس هن جو مڙس ٻه ٽي يا پنج سالن لاءِ جيل ۾ آهي ۽ منهنجو ٻار ان سان گڏ، اهو درست هوندو ته هو مون سان جيل ۾ ملڻ اچي ۽ آئون پڇانس ته پُٽ ڪئين آهين پڙهي رهيو آهين. ان ڪري منهنجو جيل وڃڻ منهنجي ٻار ۽ ايندڙ زندگي لاءِ بلڪل به درست ناهي ان ڪري آئون شادي نه ڪري رهيوآهيان. سلمان خان شادي جي حوالي سان اميد ظاهر ڪئي ته جڏهن مٿس لڳل اهي ٻئي ڪيس ختم ٿي ويندا ته هو شادي بابت ضرور سوچيندو ۽ جيڪڏهن کيس سزا ٿي وئي ته جيل موٽڻ بعد سوچيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Better choice of words next time Ms Minister, Ahad Raza Mir hits back at Mazari

”ڪوڪو ڪورنيا“ تي تنقيد: سجل علي، احمد رضا مير جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز ) ڪوڪو اسٽوڊيو جي 11 هين سيزن ۾ ” ڪوڪو ڪورينا“ گيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے