20 ہفتہ , اکتوبر 2018

لعنت نرم يا سخت!!

جاويد سومرو لنڊن

ننڍپڻ ۾ ڪنهن نصيحت ڪئي هئي ته هميشه ٻن قسمن جي ماڻهن کان ڊڄجانءِ. هڪڙا اهي جيڪي منهن سامهون ڪوڙ ڳالهائين ۽ ٻيا اهي جيڪي درياهه جي پرينءَ ڀر بيهي لعنتون وجهن. ظاهر آهي جيڪو منهن تي وڏي نفاست سان ڪوڙ ڳالهائي يا درياهه جي ٻئي ڪناري بيهي گاريون ڏئي يا لعنتون وجهي تنهن جو اوهان کاري به ڇا ٿا سگهو؟

بس جڏهن کان اها نصيحت ملي آهي، ڊڄندو ئي رهان ٿو، اڪثر ماڻهن سان ڳالهائيندي کانئن ڊڄڻ شروع ڪري ٿو ڇڏيان، ڪڏهن ٽي وي تي ڪجهه ڏسي يا اخبارن ۾ ڪجهه پڙهي ڊڄڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهيان، ڪوڙ ۽ سچ ته ايترو شڪي ٿي ويا آهن جو انهن تي ڳالهائڻ تقريبن فضول ٿئي محسوس ٿو ٿئي.

هي ڳالهيون ان ڪري ياد آيون جو پاڪستان ۾ تبديليءَ جي اڳواڻ عمران خان جي بيان ۾ لعنت جي لفظ، ان جي سخت يا نرم هئڻ، يا پارليامينٽ لاءِ اهو لفظ استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ، ايتري تائين جو لعنت جي شرعي حيثيت تي به هڪ انتهائي دانشوراڻو بحث شروع ٿي ويو آهي.

عمران خان صاحب جو چوڻ آهي ته هڪ اهڙي پارليامينٽ جنهن اهڙو قانون پاس ڪيو جيڪو هڪ نااهل قرار ڏنل شخص کي پارٽي جو صدر بڻائڻ جي راهه هموار ڪري ته اهڙي پارليامينٽ لاءِ لعنت جو لفظ به هلڪو آهي. هو ان تي هڪ عوامي مناظرو ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. صاحب تقرير طاهر القادري صاحب جي صحبت، زور خطابت جي شڪل ۾ چڱو اثر ڏيکاري رهي آهي.

پارليامينٽ خلاف گارگند جي شروعات ڪئي ته شيخ رشيد صاحب هئي پر ان وهڪري ۾ عمران خان صاحب به وهي ويو آهي. شيخ صاحب ته بادشاهه ماڻهو آهي، ڪجهه به چئي سگهي ٿو، هن جو ويندو به ته ڇا ويندو. هڪ سيٽ هئس تنهن تان به استعيفيٰ جي اعلان کان پوءِهاڻي ڪل وقتي ڪارڪن بڻجي ويو آهي، پر عمران خان صاحب جي اننگ ڊگهي آهي، هن کي لفظن جي چونڊ ۾ گهڻو احتياط ڪرڻ گهرجي.

اهو درست آهي ته پارليامينٽ ۾ سڀ ڪجهه سٺو ناهي، اهو به درست آهي ته ان ئي پارليامينٽ غلط قانون به ٺاهيا ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته پارليامينٽ ۾ ويٺل ڪيئي ماڻهن تي بدعنوانيءَ جا الزام به آهن ۽ سزا به آئي اٿن.

پر ان سڀ جي باوجود هيءَ به حقيقت آهي ته هي ئي اهو ادارو آهي جيڪو پاڪستان جي مجبور ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿو، درست يا غلط ان ۾ ويٺل اهي ماڻهو آهن، جن کي عوام پنهنجو ووٽ ڏنو آهي، اهو ئي ووٽ جيڪو عمران خان سميت سڀئي سياستدان حاصل ڪرڻ ٿا چاهن.

جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ ئي هوندي آهي جيڪا آئين مطابق سڀ کان اعليٰ ادارو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي عوام جي بالادستيءَ ۽ جمهوريت تي يقين آهي ته اهو پارليامينٽ جي اداري تي لعنت نه ٿو وجهي سگهي. بهرحال پاڪستاني سياست جي تاريخ اهڙن آمرن سان ڀري پئي آهي جيڪي پارليامينٽ سياسي جماعتن ۽ ووٽ جي تذليل ڪندي ٿڪبا ئي نه هئا.

پر انهن ئي پنهنجي ذاتي يا محدود گروپ جي حڪمراني کي اينگهه ڏيڻ لاءِ اهڙي سياست متعارف ڪرائي جو اڄ پارليامينٽ جمهوريت ۽ حڪومتون انهن سمورين خرابين جو شڪار آهي. جن تي تنقيد جائز آهي، ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو عمران خان جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو هدف ڪڏهن اهي به هجن ها.

سياسي ادارن کي بااثر، طاقتور ۽ ڪار آمد بنجڻ ۾ وقت لڳندو آهي ۽ اهو به ان صورت ۾ ممڪن هوندو آهي جو کين آزاديءَ سان هلڻ ڏنو وڃي. ڪڏهن مارشل لا جي، ڪڏهن عدالت جي ۽ ڪڏهن وري ڪا ٻي تلوار هنن جي مٿان لٽڪندي رهندي ته هر ڀيري ملڪ ۾ جمهوريت جو سفر زيرو کان شروع ڪرڻو پوندو.

خان صاحب پارليامينٽ جي اجلاسن ۾ گهڻو گهٽ ئي شريڪ ٿيو آهي، سندس پارٽي جا ميمبر به ڪڏهن ڪڏهن ئي اسيمبليءَ ۾ نظر ايندا آهن. لڳي ٿو ته اهي پارليامينٽ جي ٻئي ڪناري بيهي لعنتون وجهي رهيا آهن. سو مون کي نصيحت ڏيندڙ ڀلي ماڻهوءَ جي نصيحت مطابق اسان کي هنن کان ڊڄڻ گهرجي.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان جو تعليمي نظام ۽ جهالت!

شفيق الرحمان شاڪر تعليم هڪ سماجي عمل آهي جنهنجو بندوبست سماج جي هٿ ۾ هوندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے