19 جمعہ , اکتوبر 2018

شيخ رشيد ۽ عمران خان ماڊل ٽائون سانحي جي تحريڪ تي آپگهاتي حملو ڪيو: چوڌري منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ترجمان چوڌري منظور چيو آهي ته شيخ رشيد ۽ عمران خان جي بيان سبب ماڊل ٽائون سانحي جو معاملو پوئتي هليو ويو، ٻنهي سربراهن سانحي تي تحريڪ تي آپگهاتي حملو ڪيو. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چوڌري منظور چيو ته مال روڊ واري جلسي ۾ عوام جو انگ گهٽ نه هو پر جلسي جا ٻه سيشن ٿيڻ سبب ائين لڳي رهيو هو، اسان اڳ ۾ ئي چئي چڪا هئاسين ته آصف زرداري جي تقرير کانپوءِ اسان جا ڪارڪن موٽي ويندا. سندس چوڻ هو ته لعنت پارليامينٽ جي ميمبرن تي وڌي وئي، اهي پاڻ به پارليامينٽ جا ميمبر آهن، اسان ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن سان انصاف لاءِ طاهر القادري وٽ وياسين پر هنن جلسي جو تاثر ئي ختم ڪري ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shutdown in Kashmir a day after forces gun down two militants

قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري چئن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر( ويب ڊيسڪ) قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين کي شهيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے