16 منگل , اکتوبر 2018

مداحن کان نه وسرندڙ ڪردار نڀائڻ چاهيان ٿو: فيصل قريشي

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري ماڊل ۽ اداڪار فيصل قريشي چيو آهي ته مان پنهنجي ڪاميابي تي خوش ٿيندو آهيان پر ناڪامي تي مايوسي ناهي ٿيندي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ فيصل قريشي جو چوڻ هو ته مان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته حياتيءَ ۾ مون کي ايتريون ڪاميابيون ملنديون، منهنجو ايمان آهي ته انسان ڀلي ڪهڙي به شعبي سان واسطو رکندو هجي، دل لڳائي محنت ڪري الله سائين کيس محنت جو سٺو نتيجو ڏيندو. هن چيو ته مان پنهنجي ڪيريئر ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار نڀايا آهن، جيڪي اڄ به ماڻهن جي ذهنن ۾ آهن پر اڄ به خواهش آهي ته ڪو اهڙو ڪردار نڀايان، جنهن کي ماڻهو وڏي وقت تائين ياد رکن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Me Too : The Wrong Attack on the kangana ranaut

مي ٽو مهم: ڪنگا رناوت جا ڪرن جوهر تي لفظي حملا

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ۾ تيزي سان مشهور ٿيندڙ مي ٽو تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے