21 اتوار , اکتوبر 2018

ڪابل حملي کانپوءِ فورسز جي ڪارروائي مڪمل، 5 شهري ۽ 3 هٿياربند مارجي ويا

ڪابل ( ويب ڊيسڪ )  افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٽن دهشتگردن کي به گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي. هٿياربندن ڪابل جي علائقي باغ بالا ۾ قائم هوٽل اندر 9 وڳي 20 منٽن تي داخل ٿي ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائي ورتو. افغان ڳجهي ايجنسي جي هڪ عهديدار موجب حملي آور پهريون هوٽل جي باورچي خاني ۾ گڏ ٿيا ۽ پوءِ مختلف حصن ۾ پکڙجي ويا ۽ هوٽل جي عمارت جي مختلف حصن ۾ باهه پڻ لڳائي ڇڏي. سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ سڄو رات چڪريون هلنديون رهيون ۽ صبح ساڍي ڏينهن وڳي آپريشن مڪمل ڪري 3 ٽن دهشتگردن کي ماريو ويو. افغان گهرو وزارت موجب آپريشن دوران 41 پرڏيهين سميت 126 ماڻهن کي بچايو ويو آهي. ترجمان موجب حملي ۾ پنج شهي مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا. افغان گهرو وزارت جي ترجمان موجب دهشتگرد حملو ڪندڙ ٽن هٿياربندن کي پڻ ماريو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي پارٽيون متحد ٿي حڪومت خلاف قرارداد پيش ڪن: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے