19 پیر , نومبر 2018

زينب قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ طرفان جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ زينب قتل ڪيس ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ 27 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ خاص بئنچ زينب قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران متاثر ٻارڙن ۽ نينگرين جا والدين عدالت ۾ پيش ٿيا. زينب قتل ڪيس جي سلسلي ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي جي سربراهه عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي. جي آءِ ٽي سربراهه محمد ادريس چيو ته 800 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي ڊي اين اي جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته زينب پنهنجي ماسي جي گهر قرآن پاڪ پڙهڻ ويندي هئي جيڪو 300 ميٽر پري آهي. هن چيو ته زينب جو ڀاءُ عثمان به ساڻس گڏ ويندو هو پر واقعي واري ڏينهن ساڻس گڏ نه هو. سندس چوڻ هو ته ڪميٽي جا اجلاس ٿيندا ۽ وڌيڪ اڳڀرائي به ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته توهان رڳو هڪ ئي رخ تي جاچ ڪري رهيا آهيو، ڊي اين اي مان ٻاهر نڪري پوليس روايتي انداز به اختيار ڪري. عدالت چيو ته پوليس پنهنجو روايتي طريقو استعمال ڪري ته جوابدار تائين پهچي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ چيو ته زيادتي جي 8 ڪيسن جون حالتون ۽ واقعا ساڳيا آهن ته ان رخ تي به جاچ ڪيو، معصوم نينگري سان جيڪو ظلم ٿيو اهو بيان ڪرڻ جوڳو ناهي. عدالت چيو ته جيڪو پوليس ڪري رهي آهي تنهن سان ته 21 ڪروڙ ماڻهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي. جسٽس منصور احمد ملڪ چيو ته پوليس ڊي اين اي مان ٻاهر نڪري به جاچ ڪري. عدالت چيو ته جيڪڏهن پوليس 2015ع ۾ سنجيده هجي ها ته اڄ 8 نينگريون زيادتي کانپوءِ قتل نه ٿين ها. چيف جسٽس چيو ته ٻن ٿاڻن جي حدن ۾ واقعا مسلسل ٿيا، ڪنهن انڪوائري ڇو نه ڪئي، ايترا واقعا ٿيا پوليس ڇا ڪري رهي هئي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان مقرر آهي. سپريم ڪورٽ سمورن جاچ ادارن کي زينب قتل ڪيس جي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

منهنجا ٻار ٻاهر وڃي ڪاروبار نه ڪن ها ته ڇا خيرات وٺن ها: نواز شريف

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد نواز شريف احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے