19 جمعہ , اکتوبر 2018

نيوز:مومل جي ماڙي: ڪامريڊ غلام حيدر ڪلادي جي وفات تي پوئنرن سان تعزيت هلندڙ

اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پي پي ايم پي اي سردار علينواز عرف راجا خان مهر مومل جي ماڙي جو دورو ڪيو.

راجا خان مهر مومل جي ماڙي لڳ ڳوٺ ارباب ڪلادي پهچي پي پي جي جهوني جيالي ڪامريڊ انقلابي غلام حيدر ڪلادي جي وفات تي سندس پٽ عاشق ڪلادي ،  خادم حسين ڪلادي ۽  شاھ نواز ڪلادي سان عذرخواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو .

 ان موقعي تي سردار علينواز عرف راجا خان مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پوري ملڪ ۾  پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي  حڪومت ٺاهيندي.

  هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ سوين بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي . ان موقعي ته راجا خان مهر سان سردار محمد سردار خان گهوٽو ، سيد اصغر شاھ گيلاني ،  سيد عثمان شاھ ،  جيوت رام آر مگلاڻي ،  نياز چنه ،  بگن خان ڪلادي ، ڪانڊيرو خان ڪلادي ۽ ٻيا گڏ هئا………….. .

هي به ڏسي سگهو ٿا

صبح يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن/2108-10-19

ڪراچي مان عالمي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو انڪشاف پاڪستان جو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے