24 بدھ , اکتوبر 2018

فلم فيئر ايوارڊ: صبا قمر جي هندي ميڊيم بهترين فلم قرار

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪاره صبا قمر جي بالي ووڊ فلم ” هندي ميڊيم “ بهترين فلم جو فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته عرفان خان کي بهترين اداڪار ۽ وديا بالن کي اداڪاره قرار ڏنو ويو آهي. فلم فيئر ايوارڊ جي تقريب ۾ ڪاجول، عاليه ڀٽ، پريتي زينٽا، وديا بالن، ڪرن جوهر، سنجي ليلا ڀنسالي، عرفان خان ۽ رنوير سنگهه سميت ٻين اداڪارن شرڪت ڪئي. فلم فيئر ايوارڊ تقريب جي ميزباني بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان ۽ فلم ساز ڪرن جوهر ڪئي.  پاڪستاني اداڪاره صبا قمر بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ته پنهنجي نالي نه ڪري سگهي پر سندس فلم هندي ميڊيم بالي ووڊ جي بهترين فلم قرار ڏني وئي جڏهن ته بهترين اداڪار  جو ايوارڊ عرفان خان کي ڏنو ويو.  بهترين اداڪاره جو ايوارڊ وديا بالن کي تمهاري سلو تي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته بهترين هدايتڪار جو ايوارڊ ايشون ايئر تيواري کي بريلي ڪي برفي تي ڏنو ويو آهي. بهترين ساٿي اداڪار جو ايوارڊ راج ڪمار رائو حاصل ڪيو جڏهن ته بهترين ساٿي اداڪاره جو ايوارڊ مهرو جي فلم سيڪرٽ سپر اسٽار تي حاصل ڪيو. 63 هين فلم ايوارڊ تقريب ۾ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ مالها سنها ۽ بپي لهري کي ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے