19 جمعہ , اکتوبر 2018

نيوزيلينڊ پهرين ٽي 20 ميچ ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ويلنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ون ڊي سيريز کانپوءِ پهرين ٽي 20 ميچ ۾ به پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستاني ٽيم پهريون بيٽنگ ڪئي ته اوپنر عمر امين کاتو کولڻ کانسواءِ ۽ فخر زمان رڳو 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. محمد نواز ست، حارث سهيل 9 ۽ بابر اعظم 41 رنسون ٺاهيون. سرفراز احمد 9، شاداب خان ٻڙي، فهيم اشرف 7، حسن علي 23 ۽ محمد عامر 3 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽيا. نيوزيلينڊ طرفان رينس ۽ سوٿي 3، 3 سينٽر 2  جڏهن ته ڪچن ۽ منرو هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. نيوزيليند جي ٽيم شروعات ۾ ڏکيائين جو شڪار ٿي پر ڪولن منرو زبردست بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پاڪستاني بالرن تي وڄ بڻجي ڪڙڪي پيو ۽ چوڪن توڙي ڇڪن جي برسات ڪري پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. نيوزيلينڊ طرفان گپٽل 2، فلپس 3، بروس 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته منرو رنسون 49 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري واپس موٽيو. نيوزيلينڊ ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Abu Dhabi needed 91 runs for Australia and 491 runs in Australia

ابوظهبي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ پاڪستان کي 9 وڪيٽون ۽ آسٽريليا کي 491 رنسون گهربل

ابوظهبي(اسپورٽس نيوز ) آسٽريلوي ٽيم 47 رنسن هڪ وڪيٽ جي نقصان تان ابوظهي ٽيسٽ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے