20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس: نواز شريف سميت پنج جوابدارن خلاف ضمني ريفرنس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو شريف خاندان خلاف لنڊن فليٽس ريفرنس ۾ ضمني ريفرنس به داخل ڪري ڇڏيو آهي. نئين ريفرنس ۾ 7 نوان شاهد به شامل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ٻن شاهدن جو تعلق برطانيا سان آهي جڏهن ته سندن بيان به قلمبند ڪيا ويا آهن. نيب احتساب عدالت جي رجسٽرار آفيس ۾ ضمني چالان داخل ڪيو آهي ۽ جاچ جي روشني ۾ سامهون ايندڙ نين شاهدين کي ڪيس جو حصو بڻايو آهي. هڪ شاهد جو نالو رابرٽ لي آهي جو فارنزڪ ماهر آهي ۽ برطانيا ۾ آباد آهي. پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ جو هڪ ويجهو عزيز به شاهدن ۾ شامل آهي. ٻن شاهدن جو تعلق اطلاعات واري وزارت آهي، هڪ شاهد جو تعلق خانگي ٽي وي چينل سان آهي، جڏهن ته ٻن شاهدن جو تعلق نيب سان آهي. نيب طرفان نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ پٽن حسن ۽ حسين نواز جا ٽي وي انٽرويوز به ريفرنس ۾ شاهدين جو حصو بڻايا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے