24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز| گڊو: نينگري کي اغوا جي ڪوشش، 2 جوابدار گرفتار

گڊو ۾ جوابدارن پاران نينگري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، رڙين تي پاڙيوارن پهچي کيس بچائي ورتو. واپڊا ڪالوني ۾ 8 ورهين جي لاريب لولائي کي جوابدارن جاويد چانڊئي ۽ سندس ساٿي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.  نينگري جي رڙين تي پاڙيوارن پهچي ٻنهي جوابدارن کي سوگها ڪري پوليس حوالي ڪيو. نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته لاريب گهر ڀرسان دڪان تان شيءَ وٺڻ وئي، جنهن کي جوابدارن اغوا جي ڪوشش ڪئي.. پوليس جو چوڻ آهي ته اغواڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے