21 اتوار , اکتوبر 2018

ملڪ ۾ جمهوريت هلڻ ضروري آهي، جمهوريت کي اسان کان خطرو ناهي، هي عوامي فوج آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جو هلڻ ضروري آهي، آرمي چيف جمهوريت جو احترام ڪندو آهي، چونڊن جو اعلان اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي اليڪشن بابت جيڪو به حڪم مليو ان تي عمل ڪنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته آرمي چيف قانون جي پاسداري تي يقين رکي ٿو هو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ ۾ ويو. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت هلڻ ضروري آهي جمهوريت کي اسان کان خطرا ناهن، اها فوج عوام جي فوج آهي عوام لاءِ جيڪو به ڪرڻو پيو هوءَ ڪندي. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته پاڪستان کان حقاني نيٽ ورڪ جي حملن جو الزام بي بنياد آهي، اهو چوڻ آهي ته حقاني نيٽ ورڪ يا ٻيا افغانستان وڃي حملا ڪري رهيا آهن، حقانين جو تعلق افغانستان سان آهي. هن چيو ته ڀارت ڪيترائي ڀيرا سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي، والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد ڀارت جي ضابطي کان ٻاهر نڪري رهي آهي، ايل او سي تي ڀارتي ڪارروائي جو هڪ مقصد ڪشمير مسئلو تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ آهي، ڀارت جارحيت جو ٻيون مقصد دهشتگردي خلاف جنگ تان اسان جو ڌيان هٽائڻ آهي. آصف غفور چيو ته اڄ آرمي چيف لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جو دورو ڪيو، ڀارتي جارحيت جو سرحد تي ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي پارٽيون متحد ٿي حڪومت خلاف قرارداد پيش ڪن: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے