24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز | نقيب الله محسود جي دهشتگرد هئڻ بابت ڪي به ثبوت ناهن مليا: سلطان خواجا

ڊي آءِ جي ايسٽ سلطان خواجا چيو آهي ته نقيب الله محسود دهشتگرد هئڻ جا ثبوت ناهن مليا نه ئي خيبرپختونخواهه پوليس وٽ نقيب الله جو ڪرمنل رڪارڊ مليو آهي.

 ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي ايسٽ سلطان خواجا جو چوڻ هو  نقيب الله ڪيس جي شفاف جاچ ڪري رهيا آهيون، نقيب جي وارثن جي بيان تي قانوني ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويندو.

 جاچ ڪميٽي جي ميميبر سلطان خواجا چيو آهي ته ڪهڙن پوليس اهلڪارن نقيب الله کي کنيو ۽ ايس ايس پي طور سندس ذميواري ڪهڙي هئي، اسان رائو انوار ۽ سندس ٽيم جو موقف ٻڌڻ چاهيون ٿا جڏهن ته رائو انوار جو لڳاتار نمبر بند پيو وڃي.

هن چيو ته اسان ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ ناهيون، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي رائو انوار جي ماضي وارن مقابلن مان ڪا به متاثر فيملي شڪايت ڪري ٿي ته ان جي جاچ ڪنداسين.

سلطان خواجا رائو انوار تي ٿيل آپگهاتي حملي تي به سوال اٿاريندي چيو ته رائو انوار تي ٿيل آپگهاتي حملو به شڪي ٿو لڳي، آپگهاتي حملي آور سڙي ناهي مرندو ۽ مبينا آپگهاتي حملي جي جاچ لاءِ آفيسرن کي خط لکيا آهن ته اسٽار گيٽ فائرنگ ڪيس به جاچ ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے