19 جمعہ , اکتوبر 2018

ججن ۾ ڊڪٽيٽر کي ڏيهه واپس آڻڻ جي جرئت ناهي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نيب وٽ اسان خلاف ڪي به شاهديون نه آهن، في سيونگ لاءِ احتساب عدالت مان سزا ڏياري پئي وڃي، ججن ۾ ڊڪٽيٽر کي ڏيهه واپس آڻڻ جي جرئت ناهي. اسلام آباد هائوس ۾ سينئر ڪارڪنن سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اسان اقتصادي شعبي ۾ ڀارت کان اڳتي وڃي رهيا هئاسين پر عدالتي فيصلي سان ملڪي ترقي بيهي وئي آهي. هن چيو ته اهڙا فيصلا عدالتي ڏڦيڙ جو سبب ٿيندا آهن. سندس چوڻ هو ته نيب آفيسر پرڏيهه ملڪ دورا ڪري واپس اچن ٿا، جيڪڏهن شاهديون نه آهن ته پوءِ معاملو ختم ڪيو وڃي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙي راند کيڏي پئي وڃي.  نواز شريف چيو ته واٽس ايپ کان هن وقت تائين ڪو به انصاف نه ٿي رهيو آهي، هڪ کانپوءِ ٻيو ۽ پوءِ ٽيون ريفرنس داخل ڪيو پيو وڃي، ايئن نه هلندو. هن چيو ته مان هن ملڪ لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهيان، مسلم ليگ ن مڪمل طور متحد آهي، جنهن آئين ٽوڙيو اهو ملڪ مان ڀڳل آهي. سندس چوڻ هو ته عدالتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ عام ماڻهو کي انصاف نه ملي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته جج اسپتال ضرور وڃن پر پنهنجي گهر جي به خبر رکن، ملڪ ۾ رڳو مون لاءِ ئي فوري فيصلا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن عام ماڻهو جي نالي سان نواز شريف لکيو وڃي ته کيس به انصاف ملي ويندو. سندس چوڻ هو ته جج منهنجو خيال ڪري رهيا آهن، وٽن مون کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي. نواز شريف چيو ته مان ڪڏهن به اختيارن نه اورنگهيا، ڪرپشن، سرڪاري عهدي جو  ناجائز استعمال يا پنهنجي عهدي جو غلط استعمال نه ڪيو آهي. هن چيو ته منهنجي ڪيس ۽ ٻين ڪيسن ۾ فرق رڳو لاڏلي جو آهي. سندس چوڻ هو ته مون کي ۽ شهباز شريف کي الڳ ڪرڻ جو شوشو اسحاق خان جي دور کان شروع ٿيو، پرويز مشرف جي دور ۾ به ڪوشش ڪئي وئي پر ڪنهن کي ڪاميابي نه ملي، هاڻي اها خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shutdown in Kashmir a day after forces gun down two militants

قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري چئن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر( ويب ڊيسڪ) قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين کي شهيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے