16 منگل , اکتوبر 2018

نديم نصرت آمريڪا ۾ ويهي ڪراچي مخالف مهم هلائي رهيو آهي، مذمت ڪيون ٿا: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته آمريڪا ۾ فري ڪراچي مهم جي مذمت ڪيون ٿا، نديم نصرت آمريڪا ۾ ويهي ڪراچي مخالف مهم هلائي رهيو آهي، شهرين کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته اسان ملڪ ۾ ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان مخالف مهم قبول ناهي، ڪراچي کي ڌار ڪندڙن خلاف ڀِت بڻجي وينداسين. سندس چوڻ هو ته عدم تشدد ۽ عدم تڪرار جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، پوليس گردي جي مذمت ڪيون ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Governor Imran Ismail will visit Tharparkar tomorrow

گورنر عمران اسماعيل سڀاڻي ٿرپارڪر جو دورو ڪندو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل سڀاڻي ڏڪاريل ڏيهه جي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے