24 بدھ , اکتوبر 2018

آصف زرداري جو ڪرپشن تي ڳالهائڻ قيامت جي نشاني آهي: شهباز شريف

ليه(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ آهي ته آصف زرداري سنڌ ۾ ڪرپشن جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ سندس ڪرپشن تي ڳالهائڻ قيامت جي نشاني آهي. ليه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته جيڪو شخص 24 ڪلاڪ ڳالهائيندو هجي ڇا اهو عوامجي ووٽ جو حقدار آهي، عمران خان چيو ته شهباز شريف جيان جهنگلي وري بس نه بڻائيندس پر پيسو تعليم ۽ اسپتالن تي لڳائيندس.  هن چيو ته عمران خان پشاور ۾ جهنگلي واري بس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي پر خبر ناهي اها ميٽرو ڪڏهن بڻجندي.  سندس چوڻ هو ته عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ميگا واٽ بجلي به ناهي ڏني ۽ جڏهن پشاور ۾ ڊينگي آيو ته هو جبلن چڙهي ويو. شهباز شريف پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته زرداري صاحب شيرواني پائي چوي ٿو ته ميان صاحب کان ڪرپشن جو حساب وٺندس. هن چيو ته آصف زرداري سنڌ ۾ ڪرپشن جو بازا گرم ڪري رکيو آهي ۽ جيڪو شخص مٿي کان پير تائين ڪرپشن ۾ ٻڏل هجي ان جو ڪرپشن تي ڳالهائڻ قيامت جي نشاني آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ ن عوام جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ اسان هڪ هڪ پيسي کي امين بڻجي عوام جي خدمت ۾ خرچ ڪيو، واعدو ٿو ڪيان ته جيڪڏهن عوام ٻيهر خدمت جو موقعو ڏنو ته ايندڙ 5 سالن ۾ هن ملڪ کي قائد اعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان بڻائي ڏيکارينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے