13 جمعرات , دسمبر 2018

اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ ٻه فيبروري تي شيڊيول جاري ڪندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ شيڊيول 2 فيبروري تي جاري ڪندي. رپورٽن موجب 11 مارچ تي 104 مان سينيٽ جا 52 ميمبر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جن ۾ پنجاب ۾ سنڌ جا 12-12، ڪي پي ۽ بلوچستان جا 11-11 سينيٽر شامل هوندا. پ پ جي 26 ميمبرن مان 18 سينيٽر، ن ليگ جي 27 ميمبرن مان 9 سينيٽر رٽائرڊ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته اسلام آباد جا 2 ۽ فاٽا جا به 4 سينيٽر رٽائرڊ ٿي ويندا. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو طاهر مشهدي، نسرين جليل ۽ فروغ نسيم به رٽائرڊ ٿيندڙن ۾ شامل آهن، جڏهن ته اسحاق ڊار، نزهت صادق، ڪامران مائيڪل، ذوالفقار کوسا ۽ نثار ميمڻ به رٽائرڊ ٿيندا. سينيٽ چونڊن لاءِ آر او ۽ ڊي آر او جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، فاٽا جي چئن سيٽن تي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ايڊيشنل ڊي جي رٽرننگ آفيسر طور مقرر هوندو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے