20 ہفتہ , اکتوبر 2018

بيت المقدس کي فلسطين جو تخت گاهه بڻائڻ جي حمايت جاري رکنداسين: يورپي يونين

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين آمريڪي صدر طرفان يروشلم کي اسرائيلي تخت گاهه تسليم ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪندي فلسطيني صدر محمود عباس کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان يروشلم کي فلسطيني رياست جو راڄڌانو بڻائڻ جي حمايت جاري رکنداسين. برسلز ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي چيف ۽ فلسطيني صدر ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ محمود عباس پنهنجو مطالبو ورجائيندي چيو ته يورپي يونين جون حڪومتون اسان جو موقف تسليم ڪن. ملاقات دوران يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي چيف فيڊريڪا موگهريني چيو ته جيڪي رياستون يروشلم کي اسرائيلي راڄڌانو تسليم ڪرڻ واري آمريڪي فيصلي ۾ شامل هيون، انهن کي غور ڪرڻ گهرجي. هن فلسطيني صدر محمود عباس کي خاطري ڪرائي ته يورپي يونين يروشلم کي ٻنهي رياستن جي گڏيل تخت گاهه طور حل لاءِ سهڪار ڪندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ فائرنگ سبب قنڌار پوليس چيف مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي قنڌار جي گورنر ڪمپائونڊ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ صوبائي پوليس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے