16 منگل , اکتوبر 2018

شريف خاندان خلاف داخل ڪرايل ضمني ريفرنسز جي ڪا قانوني حيثيت ناهي: دانيال عزيز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نجڪاري واري وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته نيب طرفان شريف خاندان خلاف داخل ڪرايل ضمني ريفرنسز جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، انهن ۾ ڪو نئون اثاثو يا الزام ته پري جي ڳالهه به شاهدي به ناهي ملي سگهي، عدالت نيب کي 6 مهينن جي مهلت ڏني هئي، جيڪا ختم ٿيڻ ۾ رڳو ڏيڍ مهينو رهجي ويو آهي، نيب ريفرنس منهن ڀَر  ڪِري رهيا آهن. پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانيال عزيز چيو ته ضمني ريفرنسز جي حوالي سان تاثر ڏنو پيو وڃي ته انهن ۾ نيون شاهديون آهن، حيرانگي ان ڳالهه ٿي ته ضمني ريفرنسز جا جيڪي تفصيل عدالت ذريعي ڌرين تائين پهتا ها، اهي ان کان اڳ ئي ميڊيا تائين پهچايا ويا، قومي احتساب بيورو ٻڌائي ته نيب آرڊيننس جي ڪهڙي شق ريفرنسز جي مشهوري جو اختيار ڏئي ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے