20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ڌيءُ جي قاتل جي گرفتاري تي مطمئن آهيان: زينب جو پيءُ

لاهور (ويب ڊيسڪ) زيادتي کانپوءِ بي دردي سان قتل ڪيل زينب جي پيءُ حاجي امين چيو آهي ته مان ڌيءُ جي قاتل جي گرفتاري تي مطمئن آهيان، آرمي چيف سميت سڀني ادارن جا ٿورا مڃان ٿو. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حاجي امين چيو ته مان سعودي عرب ۾ عمري تي هيس ته خبر پئي ڌيءُ اغوا ٿي آهي، پوءِ خبر پئي ته ڌيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي، مان ڏيهه پهچي آرمي چيف، پنجاب جي وڏي وزير، چيف جسٽس ۽ ايم آءِ سميت سڀني ادارن کي انصاف جي اپيل ڪئي. سندس چوڻ هو ته اجتماعي ڪوشش کانپوءِ اسان ڏوهاري کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، جنهن تي مان سڀني جو ٿورائتو آهيان.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے