16 منگل , اکتوبر 2018

شهباز شريف جي تاڙين سان ڀريل نيوز ڪانفرنس شرم جوڳي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي تاڙين سان ڀريل نيوز ڪانفرنس شرم جوڳي آهي. شهباز شريف جي نيوز ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته 250 ٻار ۽ 12 ٻارڙيون پنجاب حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي، وڏي وزير کي ٻڏي مرڻ گهرجي ته اهو ٻارڙين کي بچائي نه سگهيو. هن چيو ته شهباز شريف جي تاڙين سان ڀريل نيوز ڪانفرنس شرم جوڳي آهي، جيڪڏهن ٻي وڏي فرانزڪ ليب لاهور ۾ آهي ته پوءِ ٻين ڏوهاري گرفتار ڇو ناهن ٿيا؟ ميان صاحب ٻين جوابدارن جي گرفتاري جون مبارڪون ڪڏهن وٺندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے