21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز | سڪرنڊ ۾ موٽر وي پوليس پاران امڪاني روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ سيمينار

سڪرنڊ ۾ موٽر وي پوليس پاران امڪاني روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو.

ڳوٺ گولو ڏاهريءَ ۾ موٽر وي پوليس پاران ِانصاف پبلڪ اسڪول ۾ روڊ سيفٽي بابت جاڳرتا سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ شاگردن استادن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڊي ايس پي غلام مصطفيٰ بلوچ خطاب ڪندي چيو ته ڊرائيونگ دوران سيٽ بيلٽ ٻڌڻ سان گڏ ٽريفڪ جي قانون تي عمل ڪرڻ سان حادثن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته اڪثر روڊ حادثا قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪري پيش اچن ٿا، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏين ٿا.

ڊي ايس پي غلام مصطفيٰ شاگردن کي هدايت ڪندي چيو ته هو جڏھن به والدين سان يا ڪنهن به ڊرائيور سان سفر ڪن ته سيٽ بيلٽ ٻڌڻ ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جو لازمي طور چون، جنهن سان امڪاني حادثن کان محفوظ رهي سگهجي ٿو.

سندس چوڻ هو ته سيمينار جو مقصد ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري سفر دوان پاڻ کي محفوظ بڻائڻ آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | سکر ۾ ميرپور ماٿيلو واسي عورتن ۽ مردن احتجاج ڪري ڪهڙا ڏيکاريا خدشا؟ ڇا پوليس به ساڻن سهڪار نه پئي ڪري؟

پريس ڪلب آڏو مير پورماٿيلو واسي بوزدار برادري جي لياقت، مائي تيگي ۽ حضوره سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے