17 ہفتہ , نومبر 2018

پنجاب حڪومت جي ترجمان اينڪرپرسن شاهد مسعود جي بيان کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته اينڪرپرسن شاهد مسعود طرفان جوابدار عمران جي پرڏيهي ڪرنسي واري اڪائونٽ جو چيو هيو جنهن تي پنجاب جي وڏي وزير نوٽيس وٺي ڪميٽي بڻائي جڏهن ته چيف جسٽس به ان جو نوٽيس ورتو. پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ احمد خان چيو ته جوابدار جي بينڪ اڪائونٽ جو بيان ڏئي جنهن ريت معاملي جو منهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي. سندس چوڻ هو ته اينڪرپرسن شاهد مسعود کي جي آءِ ٽي ۾ گهرايو پر هو پيش نه ٿيو ۽ هن حڪومت کي جواب نه ڏنو. پنجاب حڪومت جي ترجمان اينڪرپرسن شاهد مسعود جي بيان کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جا 35 سياستدان دبئي ۾ ملڪيتن جا مالڪ نڪتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے