16 منگل , اکتوبر 2018

رپورٽ : ڀٽ شاھ ۾ مذهبي رواداريءَ جو شاندار مثال قائم، سيٺ ايشورداس پاران مفت جتين جو اسٽال ۽ سبيل قائم

سنڌ ۾ صوفين، سنتن ۽ ساڌوئن جي درگاهن تي خدمتن ۽ زائرين لاءِ نيڪ انسان پاران سهولتون فراهم ڪرڻ جا انيڪ مثال قائم آهن،

 اهڙو ئي هڪ مثال ڀٽ شاهه جي درگاهه تي هاڻوڪي سنڌ جي هڪ ديوان سيٺ ايسر داس قائم ڪيو آهي، اچو ته انهيءَ خدمت کان واقف ٿيون……..،

پيش آهي هاشم شر جي هيءَ رپورٽ…….،

سنڌ مذهبي رواداريءَ جو هڪ اعلى مثال رهي آهي، اهڙو ئي هڪ مثال ڀٽ شاهه ۾ هڪ هندو ديوان سيٺ ايشور داس درگاهه ۽ زائرين جي خدمت ڪندي قائم ڪيو آهي……،

سيٺ ايشور داس درگاهه تي ايندڙ زائرين لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ مٺي کير جي سبيل قائم ڪئي آهي جيڪا 24 ڪلاڪ هلندي آهي، سيبل جو انتظام سنڀالڻ ۽ سبيل لاءِ صاف ۽ صحت بخش پاڻي، برف، کير ۽ ڪنڊ جو انتظام ڪرڻ لاءِ باقاعده عملو رکيل آهي، جيڪو درگاهه تي ايندڙ زائرين لاءِ 24 ڪلاڪ سبيل جاري رکڻ جو پابند آهي،

اهڙي ئي نموني سيٺ ايشور داس درگاهه تي ايندڙ زائرين جي جتين رکڻ واري ڪم جو ٺيڪو سرڪار کان ساڌا ٽي لک روپيه سال جي حساب سان کنيو آهي، جتي عام زائرين جون جتيون سواءِ ڪنهن في جي محفوظ ڪيون وينديون آهن،

زائرين جي جتين کي محفوظ رکڻ لاءِ پڻ عملو رکيل آهي جيڪو اٺ، اٺ ڪلاڪ ٽن شفٽن ۾ ڊيوٽيون ڪري ٿو، جتين کي محفوظ رکڻ ۽ زائرين کي واپس ڪرڻ واري عمل لاءِ هڪ پئسو به نه ورتو ويندو آهي…..،

 پر جي ڪنهن زيارتيءَ جي جُتي گم ٿي وڃي ٿي ته کيس سندس طلب موجب جتيءَ جا پئسا ڏنا وڃن ٿا، جيڪي پڻ سيٺ ايسر داس ادا ڪندو آهي……….،

سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ سنڌ جي ساڌو صفت هندن پاران سنڌ جي صوفين جي درگاهن،  انسانن ۽ جانورن جي خدمت جو هي مثال سنڌ جي ويجهڙ واري تاريخ ۾ پهريون مثال آهي، باقي سنڌ جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي….

سيٺ ايشور داس جو چوڻ آهي ته ، “ اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڀاڳ واري آهي جو شاهه سائين مون کي پنهنجي درگاهه جي جتين کڻڻ جي لائق سمجهيو آهي ۽ مان اها خدمت ڪري رهيو آهيان”،

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو ، شهرين ۾ خوشي جي لهر

*ڪوٽڙي  ۾ وفاقي حڪومت پاران ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو  آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے