23 منگل , اکتوبر 2018

پي ٽي آءِ قاتلن ۽ دهشتگردن کي تحفظ ڏيندڙ لاڏلن جو ڀوائتو ٽولو بڻجي چڪي آهي: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عاصما جي قاتل جو ڪي پي حڪومت جي سهڪار کانسواءِ ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻ ممڪن نه هو، پي ٽي آءِ دهشتگردن ۽ قاتلن کي تحفظ ڏيندڙ لاڏلن جو ڀوائتو ٽولو بڻجي چڪي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ڪوهاٽ ۾ قتل ٿيل شاگردياڻي عاصما جي واقعي بابت پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ڏوهارين ۽ دهشتگردن جي ناني بڻجي وئي آهي، ڪي پي حڪومت جو ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن لاءِ نرم رويو مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته ڪي پي حڪومت شريفان بي بي ۽ ٻارڙي عاصما جي قاتلن جي به سرپرستي ڪري رهي آهي، جڏهن ته مشال خان جي قتل تي اڪسائيندڙ پي ٽي آءِ جو مقامي اڳواڻ اڃا تائين آزاد آهي، ٽنهي ڪيسن ۾ نامزد جوابدار قانون جي پڪڙ کان آجا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے