19 جمعہ , اکتوبر 2018

ملتان ۾ موسمي انفلوئنزا جي متاثر وڌيڪ ٽن مريضن دم ڏئي ڇڏيو

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ موسمي انفلوئنزا وائرس تي ضابطو نه اچي سگھيو آهي ۽ وڌيڪ ٽن مريضن دم ڏئي ڇڏيو آهي. ملتان جي صحت کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان موجب ٽئي مريض نشتر اسپتال ۾ علاج هيٺ هئا، فوت ٿي ويلن ۾ 20 ورهين جي حسينا جو واسطو خانيوال، 53 ورهني جي ڪرامت جو واسطو ليا ۽ 50 ورهين جي رشيدا جو واسطو ملتان سان هو، واضح رهي ته ملتان ۾ 15 ڊسمبر کان هن وقت تائين انفلوئنزا جا متاثر 44 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. صحت کاتي پاران شهرين کي احتياطي اپائن سختي سان عمل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون پيون وڃن، جن کي خاص طور تي پاڻي اُٻاري پيئڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shutdown in Kashmir a day after forces gun down two militants

قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري چئن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر( ويب ڊيسڪ) قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين کي شهيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے