22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز: حيدرآباد: نيشنل بينڪ جي زيلي اداري نفا پاران سيڙپڪاري بابت سيمنار ڪوٺايو ويو

نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي زيلي اداري نفا پاران سيڙپڪاري بابت مقامي هوٽل ۾ سيمنار ڪوٺايو ويو،

 سيمينار ۾ نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي مختلف برانچن سان واسطو رکندڙ برانچ مئنيجر ۽ ايريا مئنيجرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

 سيمينار ۾ سنگاپور کان آيل نفا جي سي اِي او امجد وحيد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته فنڊس اويلبل برانچ حيدر چوڪ توقير بيگ پڻ سيمنار ۾ شرڪت ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي سي اِي او نيشنل بينڪ جي ذيلي اداري نفا ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان مختلف بينڪن کان وڌيڪ نفعو ملي ٿو، جڏهن ته کاتيدار جو پئسو هميشه جي لاءِ محفوظ رهي ٿو.

 هن چيو ته هن وقت تائين نفا ۾ کاتيدار هن وقت تائين ڪروڙين روپيا جمع ڪرائي چڪا آهن، جنهن ڪري 13 مهينن دوران نفا لاءِ اها ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.

هن سيڙپڪاري سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي صلاح ڏني ته هو اعتماد ڪري نفا ۾ سيڙپڪاري ڪن، جنهن سان کين ۽ ملڪ کي فائدو ٿيندو.

جڏهن ته فنڊس اويلبل برانچ حيدر چوڪ جو افتتاح نفا فنڊس جي سي اي او امجد وحيد، برانچ مينجر توقير بيگ، فاطما جناح جي نيشل بينڪ جي مينجر طاهره خانم ڪيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے