24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز : ماتلي:پنهور برادري جو مختيارڪار پاران زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار خلاف احتجاج

ماتلي ڀرسان پنهور برادري مختياريڪار ۽ تپيدار پاران زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پنهور برادري  محمد امين پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ماتلي جي مختيار ڪار ۽ ديهھ کرڙي جي تپيدار قادر نوتڪاڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ مختيارڪار ۽ تپيدار ملي ڀڳت ڪري ڳري رشوت عيوض حافظ محمد پنهور جي ذاتي ملڪيت زرعي زمين 35 ايڪڙ جو کاتو تبديل ڪري دوست پنهور جي نالي تي ڪري وڏي نا انصافي ڪئي آهي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ اختياترين کان مطالبو ڪيو آهي تھ مختيارڪار ۽ تپيدار خلاف قانوني قدم کڻي انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے