18 اتوار , نومبر 2018

ڊاڪيومينٽري|مغل فن تعمير جي شاهڪار شاهجهان مسجد

سنڌ ۾ انتهائي خوبصورت مسجدن جي عڪاس، شاهجهان مسجد فن تعمير جي حسناڪين سبب ڏسندڙن کي موهي وجهي ٿي، سترهين صدي جي مغل فن تعمير جي شاهڪار هن مسجد کي هندستان جي مغل شهنشاهه شاهجهان ٺٽي ۾ ترسڻ دوران هتان جي ماڻهن جي خدمتن جي موٽ ۾ تعمير ڪرايو
مسجد جي پيڙهه جو پٿر 1644ع ۾ رکيو ويو ۽ 1647ع ۾ مسجد جڙي راس ٿي، تعمير ساز و سامان ۽ نقشي جي حوالي سان هي مسجد هن خطي ۾ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي، چيو وڃي ٿو ته ٺٽي ۾ مسجد لاءِ گهربل خصوصي پٿرن جي اڻاٺ سبب مختلف هنڌن تان گهرايل سرن سان تعمير ڪرائي وئي، جڏهن ته 1657 ۾ پٿر سان فرش بندي ڪرائي وئي. هڪ اندازي موجب تنهن دور جا 9 لک رپين کان وڌيڪ ڏوڪڙ خرچ ٿيا هئا. مسجد ۾ استعمال ٿيل نيري ۽ اڇي ڪاشيءَ جي ڳاڙهين سرن سان ميلاپ، باغ ۽ ڦوهارا مغلن وارين اڏاوتن ۽ سنڌي فن جو شاهڪار سنگم آهن.
ڪيمرا مين : بشير قاضي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

2 تبصرو

  1. معراج ميمڻ ٺٽوي

    ٺٽي جي تاريخي ورثي شاهجهان مسجد جي ڊاڪيومينٽري رپورٽ عوامي آواز جي رپورٽر شبير ڀٽي جي سٺي محنت جو نتيجو آهي ان کان اڳ ۾ مڪلي جي تاريخي مقام تي ٺاهيل بهترين رپورٽ تي به عوام پاران ڀرپور موٽ ملي آهي انشاء الله هن کي ڀرپور موٽ ملندي ڇا ڪاڻ ته صحافي روزمره جون خبرون ته رپورٽ ڪن ٿا پر هن تاريخي ماڳن ، آثارن ۽ ورثن تي رپورٽن نه هئڻ جي برابر رهي آهي پر عوامي آواز ٽي وي پنهنجي ابتدائي قدم بهتر نموني سان کڻي ٺٽي سميت سنڌ جي تاريخ ثقافت علم و ادب جي مالڪي ڪندي نظر اچي رهي آهي آئون عوامي آواز ٽيم ۽ ٺٽي جي جاکوڙي رپورٽر شبير ڀٽي کي جس ڏيان ٿو ته ان کان وڌيڪ سرگرميون جاري رکندا

  2. راجا تنوير خاصخيلي

    شاهجهان مسجد سنڌ جي تاريخي ۽ ٺٽي جي منفرد مسجد آهي جيڪا هن وقت انتظاميه جي بيدياني سبب پنهنجي فطري سونهن ۽ اهميت وڃائي رهي آهي عوامي آواز ٽي وي جي ٽيم ان مسجد جي تاريخي پس منظر ۽ موجودا حالت تي تفصيلي رپورٽ ٺاهي بهترين ڪارنامو سرانجام ضرور ڏنو آهي پر هاڻ اسان جي رياست کي گهرجي ته هو پنهنجي ذميواري جو مظاهرو ڪري هن مسجد جي مالڪي ڪري اسان بهترين ڊاڪيوميٽري ٺاهڻ تي عوامي آواز ٽي وي جي ٽيم ۽ جاکوڙي رپورٽر شبير ڀٽي کي جس ڏيون ٿا

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے